ڪورونا ڪيسن ۾ گھٽتائي مستقبل لاءِ اميد جي روشني، 2 لک 48 هزار 873 ڄڻا صحتياب - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 3, 2020

ڪورونا ڪيسن ۾ گھٽتائي مستقبل لاءِ اميد جي روشني، 2 لک 48 هزار 873 ڄڻا صحتياب


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بهتري طرف وڃي رهي آهي ۽ عيد جي موقعي تي ڪيسن جي انگ ۾ گھٽتائي مستقبل لاءِ اميد جي روشني پيدا ڪري ڇڏي آهي.

ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 80 هزار 29 ٿي ويو آهي جنهن مان 5 هزار 984 ڄڻا فوت جڏهن ته 2 لک 48 هزار 873 صحتياب به ٿي چڪا آهن.

اڄ 3 آگسٽ جي صبح تائين ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 172 نوان ڪيس ۽ 7 فوتگين جي واڌ ٿي آهي جڏهن ته 296 ڄڻا صحتياب به ٿيا آهن.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس 6 مهيني ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ گذريل 5 مهينن دوران ان جي ڪيسن ۾ پهريان تيزي سان واڌ ۽ هاڻ گھٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

ملڪ ۾ ڪيسن جي گھٽتائي جو سبب ٽيسٽ جي انگ ۾ گھٽتائي به آهي پر حڪومتي عهديدار ان کي حڪومتي حڪمت عملي جي ڪاميابي قرار ڏين ٿا.

پنجاب

پنجاب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 24 نوان ڪيس ۽ 4 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

سرڪاري انگن اکرن لاءِ قائم ڪيل پورٽل موجب صوبي ۾ 24 نون ڪيسن کان پوءِ گڏيل ڪيسن جو انگ 93 هزار 197 ٿي ويو آهي.

ان کان سواءِ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 2 هزار 148 تائين پهچي ويو آهي.

خيبرپختونخواهه

خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 63 ڪيس ظاهر ٿيڻ سان گڏوگڏ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

خيبرپختونخواهه جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب صوبي ۾ وڌيڪ 63 ڄڻا متاثر ٿيڻ سان ڪيسن جو گڏيل انگ 34 هزار 223 ٿي ويو آهي.

ان کان سواءِ صوبي ۾ وڌيڪ ٻه اجل جو شڪار ٿيڻ سان فوتگين جو گڏيل انگ 1202 تائين پهچي ويو آهي.

بلوچستان

بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 31 ڄڻن کي متاثر ڪيو.

حڪومت طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب صوبي ۾ وڌيڪ 31 نون مريضن کانپوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 11 هزار 774 ٿي ويو آهي.

اسلام آباد

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 24 ڄڻن کي متاثر ڪيو.

سرڪاري انگن اکرن موجب اسلام آباد ۾ نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 15 هزار 76 تائين پهچي ويو آهي.

گلگت بلتستان

گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 23 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري پورٽل موجب 24 ڪلاڪن ۾ سامهون آيل 23 ڪيسن کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 2 هزار 180 تائين پهچي ويو آهي.

آزاد ڪشمير

ملڪ ۾ سڀ کان گھٽ متاثر علائقي آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 7 ڪيس ۽ هڪ فوتگي جي تصديق ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب آزاد ڪشمير ۾ 7 نون ڪيسن کان پوءِ گڏيل انگ 2 هزار 93 تائين پهچي ويو آهي.

ان کان سواءِ هڪ ٻيو فرد جي لاڏاڻي کانپوءِ فوتگين جو انگ 54 ٿي ويو آهي.

صحتياب ٿيل

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ به 88 سيڪڙو کان وڌيڪ ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 296 مريض صحتياب ٿيا.

سموري ملڪ ۾ ان عالمي وبا مان صحتياب ٿيندڙ جو گڏيل انگ 2 لک 48 هزار 873 ٿي ويو آهي جيڪو گڏيل ڪيسن جي 88 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

The post ڪورونا ڪيسن ۾ گھٽتائي مستقبل لاءِ اميد جي روشني، 2 لک 48 هزار 873 ڄڻا صحتياب appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages