ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن به قربانيءَ جو سلسلو جاري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 2, 2020

ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن به قربانيءَ جو سلسلو جاري


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ ٻئي ڏينهن به مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي ۽ مسلمان سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي قرباني ۾ مصروف آهن.

عيدالاضحيٰ جي پهرين ڏينهن جي ڀيٽ ۾ ٻئي ڏينهن جانورن ۾ قرباني ۾ گهٽتائي نظر آئي پر صفائي سٿرائي جا بهتر انتظام نه هجڻ سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ مختلف هنڌن تي قرباني جي جانورن جي باقيات کڻڻ ۾ انتظاميا طرفان سستي سبب گندگي جي ڍير لڳل آهن.

سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ موجب ڪراچي ۾ عيد جي پهرين ڏينهن 8 هزار 933 ٽن باقيات کي کنيو ويو ۽ اهو ڪم مسلسل جاري آهي.

لاهور ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني جو چوڻ هو ته شهر ۾ عيد جي پهرين ڏينهن 13 هزار 5 سئو ٽن کان وڌيڪ باقيات کنئي وئي ۽ ويسٽ بيگز جي بنا وفقي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي.

The post ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن به قربانيءَ جو سلسلو جاري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages