

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ڇا عليم خان ايڏو بااثر آهي جو رياست پنهنجي زمين پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي کي استعمال لاءِ ڏئي ڇڏي؟
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي وزير عليم خان جي نجي هائوسنگ سوسائٽي جي سرڪاري ايراضي تي مبينا قبضي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته الزام آهي رياست جي زمين پرائيويٽ سوسائٽي کي ڏني وئي، نجي هائوسنگ سوسائٽي خلاف ماڻهن کي به زبردستي بي دخل ڪرڻ جو الزام آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته هائوسنگ سوسائٽي کي فائدو پهچائڻ لاءِ رياستي زمين تي سوسائٽي کي روڊ ٺاهڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي؟
جسٽس اطهر من الله وڌيڪ پڇيو ته پرائيويٽ سوسائٽي جي اڪثريتي شيئرز جو مالڪ ڪير آهي؟
نجي سوسائٽي جي وڪيل ٻڌايو ته پارڪ ويو هائوسنگ سوسائٽي جي اڪثريتي شيئر هولڊر عليم خان جي گهرواري آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اهو عليم خان ڪير آهي؟
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عليم خان پي ٽي آءِ جو ايم پي اي ۽ صوبائي وزير آهي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته عليم خان ايترو بااثر آهي جو رياست پنهنجي زمين پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي کي استعمال لاءِ ڏئي ڇڏي؟
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت ڇو نه اهو معاملو وفاقي ڪابينا کي موڪلي ڇڏي، ڇو ته معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو لکيو وڃي.
وڪيل چيو ته سي ڊي اي رڳو روڊ ٺاهڻ جي اجازت ڏني، جيڪو سوسائٽي ٺاهيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سي ڊي اي رياست جي زمين ڪيئن ٿي ڏئي سگهي؟
جسٽس اطهر من الله چيو ته سي ڊي اي چيئرمين عدالت سامهون اعتراف ڪيو ته ائين ڪرڻ بورڊ جي غلطي هئي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي رپورٽ پڙهو، قبضا مافيا جي ڪري ڪرائم ريٽ ۾ واڌ ٿي.
چيف جسٽس چيو عدالت روز چوندي آهي ته اسلام آباد ۾ قانون جي حڪمراني ناهي.
عدالت سي ڊي اي چيئرمين کان 13 آگسٽ تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
The post عليم خان ايڏو بااثر آ جو رياست پنهنجي زمين نجي هائوسنگ سوسائٽي کي استعمال لاءِ ڏئي ڇڏي؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment