والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن لاءِ عيد نماز ۾ رنڊڪون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, August 1, 2020

والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن لاءِ عيد نماز ۾ رنڊڪون


سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ مودي سرڪار جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، قابض ڀارتي فوج وادي ۾ عوام کي عيد نماز ادا ڪرڻ نه ڏني.

قابض انتظاميه ڪشميرين کي نماز کان روڪڻ لاءِ عيد گاهن ۽ مسجدن کي تالا هڻي ڇڏيا، جڏهن ته والاريل وادي ۾ روڊن تي پڻ ڪنڊيدار تارون وڇايون ويون.

صبح جو سوير ، ڀارتي پوليس لائوڊ اسپيڪرز تي اعلان ڪيو ته ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ويٺا رهيا، جنهن سبب قبضي هيٺ ڪشميرين پنهنجن گهرن ۾ عيد نماز ادا ڪئي.

ٻئي طرف پابندين سبب وادي ۾ قرباني جو فرض پڻ تمام محدود پيماني تي سر انجام ڏنو پيو وڃي.

The post والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن لاءِ عيد نماز ۾ رنڊڪون appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages