سروسز اسپتال لاهور مان ڪورونا جو آخري مريض به صحتياب - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, August 1, 2020

سروسز اسپتال لاهور مان ڪورونا جو آخري مريض به صحتياب


لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي سروسز اسپتال ۾ داخل ڪورونا جو آخري مريض به صحتياب ٿي ويو.

پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ آهي ته سروسز اسپتال ۾ ڪورونا ۾ مبتلا هاڻ ڪو به مريض ناهي، ڪورونا جي آخري مريض به کي ڊسچارج ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته سروسز اسپتال جي آءِ سي يو ۾ ڪورونا جا ڪل 60 مريض هئا جيڪي هاڻ صحتياب ٿي گهرن ڏانهن موٽي چڪا آهن، پر وبا مان مڪمل خاتمي لاءِ عوام کي ايس او پيز تي مڪمل ڪرڻو پوندو.

ٻئي پاسي پرنسپل سروسز اسپتال ڊاڪٽر محمود اياز جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو عيد کان اڳ رات دير تائين پنهنجي ڊيوٽي نڀائيندو رهيو، اسپتال جا ڊاڪٽر ۽ طبي عملي جا ٻيا ميمبر محبت، دلچسپي ۽ جذبي سان مريضن جي سار سنڀار پيا ڪن، طبي عملي جون خدمتون ڀيٽا جوڳيون آهن.

The post سروسز اسپتال لاهور مان ڪورونا جو آخري مريض به صحتياب appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages