عام چونڊن جي خرچ جو ڪاٿو 49 ارب رپين کان به وڌي ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 20, 2024

عام چونڊن جي خرچ جو ڪاٿو 49 ارب رپين کان به وڌي ويو


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيڪيورٽي جي فول پروف انتظامن ۽ ٻين خرچن جي واڌ سان چونڊ خرچن جو ڪاٿو 49 اربن کان وڌي ويو.
اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ وفاقي حڪومت کان 47 ارب رپين جي ڊمانڊ ڪئي هئي، جيڪي مرحلي وار اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪئي پئي وڃي.
ملڪ ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ سرحدي صورتحال کي ڏسندي پوليس، رينجرز، فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سيڪيورٽي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان وڌيڪ ساڍا 3 ارب رپين جي ڊمانڊ ڪري ڇڏي آهي.
ان حوالي سان رڳو پنجاب پوليس عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان هڪ ارب 19 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا آهن.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages