ملڪ رياض جو سرڪاري ملازمن سان فراڊ، ڪيس کلي ويو، نوٽيس جاري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, January 18, 2024

ملڪ رياض جو سرڪاري ملازمن سان فراڊ، ڪيس کلي ويو، نوٽيس جاري


اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  بحريا ٽائون  جو مالڪ ملڪ رياض سرڪاري ملازمن  سان به  فراڊ ڪري ويو، اهڙو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ 2018ع کان ملڪ احمد نواز جي بحريا ٽائون خلاف داخل درخواست چيف جسٽس آڏو آئي.

نامياري صحافي عمران وسيم موجب درخواست ۾ ملڪ رياض تي الزام مڙهيو ويو آهي ته روينيو ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي راولپنڊي بحريا ٽائون  ۾ اهو چئي ضم ڪيو ويو ته سوسائٽي جي الاٽيز کي بحريا ٽائون ۾ رهائش ڏني ويندي.

اهو چئي سرڪاري ملازمن جي سوسائٽي جي زمين ملڪ رياض پنهنجي قبضي ۾ وٺي ان عيوض ڪجهه رقم ادا ڪري اها زمين ڪنهن ٻي سوسائٽي کي وڏي رقم عيوض وڪڻي ڇڏي. جڏهن ته سوسائٽي جي الاٽيز ملازمن کي نه بحريا ٽائون ۾ رهائش ملي نه رقم ۽ نه ئي متبادل پلاٽ مليو.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ابتدائي ٻڌڻيءَ  بعد ملڪ رياض ۽ ڪو آپريٽو سوسائٽي جي رجسٽرار کي نوٽيس جاري ڪري 6 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 18 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages