چونڊن کان اڳ پ پ کي هڪ ٻي ڪاميابي ملي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, January 21, 2024

چونڊن کان اڳ پ پ کي هڪ ٻي ڪاميابي ملي وئي


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ پاڪستان جي نوراني گروپ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پ پ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پ پ اڳواڻ نيئر بخاري سان جي يو پي نوراني گروپ جي اڳواڻ صفدر شاهه گيلاني ملاقات ڪئي، ان دوران صفدر شاهه گيلاني چيو ته اسان جي جماعت سڄي ملڪ ۾ پ پ اميدوارن جي حمايت ڪندي.
هن چيو ته نوراني گروپ پنهنجي اميدوارن کان هٿ کڻائيندو، پ پ فرقي واريت خلاف آهي، تنهن ڪري حمايت قومي فرض آهي.
نيئر بخاري حمايت تي نوراني گروپ جا ٿورا مڃيندي چيو ته پ پ ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍندي، اسان وٽ عوامي معاشي معاهدي ۾ ملڪي مسئلن جو حل موجود آهي.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages