عام چونڊون، پرڏيهي مبصرن ۽ صحافين جا تفصيل سامهون اچي ويا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 23, 2024

عام چونڊون، پرڏيهي مبصرن ۽ صحافين جا تفصيل سامهون اچي ويا


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن بابت اڳڪٿين کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊن جي ڪوريج لاءِ پرڏيهي ميڊيا جا نمائندا اڳواٽ ئي پاڪستان ۾ موجود آهن، مبصرن ۽ پرڏيهي صحافين کي 49 ويزائون جاري ڪيون ويون، 32 درخواستن تي ويزا ڏيڻ جو عمل جاري آهي، پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي مان اٽڪل 24 اجازت نامن جي درخواستون پراسيس ۾ آهن، ميڊيا جي مختلف ادارن طرفان مجموعي طور 174 درخواستون مليون آهن.
سندس چوڻ هو ته غير صحافي ڪيٽيگري ۾ رڳو برطانيا مان 25 درخواستون پراسيس ۾ آهن، روس طرفان اٺ، جپان مان 13 ۽ ڪئناڊا مان 5 پارليامينٽ ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن.
هن چيو ته ڪامن ويلٿ مان پنج درخواستون پراسيس ۾ آهن، بين القوامي صحافي ۽ مبصر ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد لاءِ اجازت ناما وٺي رهيا آهن، ڄاڻايل ٽن شهرن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو پرڏيهي صحافي ڪنهن ٻئي شهر وڃڻ چاهي ته ان جو ڪيس ٽو ڪيس جائزو ورتو ويندو.
مرتضيٰ سولنگي وڌيڪ چيو ته ويهه جنوري جي تاريخ گذرڻ باوجود اڃا به درخواستون ڏسي رهيا آهيون، 14 ملڪن مان درخواستون مليون آهن.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages