

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) زوب ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي سمبازا سيڪٽر ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ اهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ موجود دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
No comments:
Post a Comment