ممبئي ( شوبز نيوز ) 2017 ۾ ريليز ٿيل صبا قمر ۽ عرفان خان جي بالي ووڊ فلم ” هندي ميڊيم“ سٺو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي، جنهن بعد خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ان فلم جو سيڪوئل پڻ ٺاهيو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان حوالي سان پڻ خبرون سامهون آيون هيون ته فلسمازن ان سلسلي ۾ عرفان خان سان لنڊن ۾ ملاقات پڻ ڪئي، جيڪو نيورو اينڊوڪرائن ڪينسر جي علاج لاءِ اتي موجود هو. پر هاڻ رپورٽون سامهون آيون آهن ته فلمساز بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ ڪاجول کي ” هندي ميڊيم “ جي سيڪوئل ۾ ڪاسٽ ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن. ۽ اطلاع آهن ته فلم جي شروعاتي اسڪرپٽ تي ڪم پڻ شروع ٿي چڪو آهي. پر اڃا تائين فلمسازن يا امڪاني ڪاسٽ طرفان ان ڳالهه جي تصديق نه ڪئي وئي آهي. دنيش ويجان ۽ ڀوشن ڪمار جي پروڊڪشن ۽ ساڪت چوڌري جي هدايتڪاري هيٺ ٺاهيل فلم هندي ميڊيم جي ڪهاڻي چاندني چوڪ جي شادي شدا جوڙي جي چوڌاري ڦرندي آهي، جيڪي پنهنجي نياڻي کي انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ دهلي منتقل ٿي ويندا آهن.
The post صبا قمر ۽ عرفان جي فلم ” هندي ميڊيم “ جي سيڪوئل ۾ شاهه رخ ۽ ڪاجول جي نالن تي غور appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment