لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت گاڏين جي رجسٽريشن بڪ جي جاءِ تي سمارٽ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي في 530 رپيه هوندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جي رجسٽريشن بڪ سنڀالڻ کان پريشان شهرين جي مشڪل آسان ڪري ڇڏي آهي. پنجاب ۾ هاڻي ڪاپي بدران رڳو هڪ سمارٽ ڪارڊ جاري ٿيندو. ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز جي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان بوزدار چيو ته هاڻي سمورين گاڏين جي رجسٽريشن رڳو سمارٽ ڪارڊ تي ٿيندي جنهن جي في 530 رپيه هوندي. هن چيو ته رجسٽريشن بڪ کي سمارٽ ڪارڊ ۾ تبديل ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به شهريءَ تي دٻاءُ نه وڌو ويندو پر جيڪڏهن ڪو مرضي سان ڪرائڻ چاهي ته ڪرائي سگهي ٿو ۽ مڪمل طور تي گاڏيءَ جي مالڪ جو فيصلو هوندو. عثمان بوزدار چيو ته اريبا عباسي ۽ راجا بشارت معاملي تي جاچ بعد شيون سامهون اينديون جڏهن ته ان حوالي سان ڪو غير قانوني ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته آڊيو ليڪ معاملي تي اڃا خبر نه پئي آهي، ان حوالي سان جاچ بعد شيون سامهون اينديون، حڪومت ادارن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي نه ڪو غير قانوني ڪم ٿيندو ۽ نه وري ڪرڻ ڏينداسين.
The post ڊاڪٽر اريبا ۽ بشارت معاملي تي ڪو غير قانوني ڪم نه ٿيندو: عثمان بوزدار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment