اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير شهريارآفريدي چيو آهي ته ڪو وڏي ۾ وڏي عهدي وارو شخص قانون جي پڪڙ کان مٿڀرو ناهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهريار آفريدي چيو ته ڪو به شخص قانون ٽوڙي نه ٿو سگهي، رياست جي چئني ٿنڀن کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالوجي تي والدين جو چيڪ اينڊ بيلنس ضروري آهي، 64 هزار ٻارڙن جون غير اخلاقي وڊيو سرگوڌا مان هٿ ڪيون ويون، والدين ذميواري سمجهن ۽ ٻارڙن تي نظر رکن. سندس چوڻ هو ته غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث هرشخص خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي.سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت ۾ ڪو به شخص قانون ٽوڙي نه ٿو سگهي. شهريار آفريدي چيو ته تعليمي ادارن ۾ نشي جي روڪٿام لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڊرگ مافيا اسان جي نسلن کي تباهه ڪري رهي آهي.
The post ڪو به وڏي عهدي جو شخص قانون جي پڪڙ کان محفوظ ناهي: شهريار آفريدي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment