وسيم اڪرم سرفراز احمد کي ڪپتاني تان هٽائڻ جي مخالف ڪري ڇڏي #Sports_News - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, December 18, 2018

وسيم اڪرم سرفراز احمد کي ڪپتاني تان هٽائڻ جي مخالف ڪري ڇڏي #Sports_News


No Imran Khan, Javed Miandad waiting to replace Sarfraz: Wasim Akramملتان ( اسپورٽس نيوز ) اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد سٺي ڪپتاني ڪري رهيو آهي ۽ ان کانسواءِ ڪو به رانديگر ناهي جنهن کي ڪپتان بڻايو وڃي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته نوجوانن کي ڪرڪيٽ ڏانهن آڻڻ لاءِ ايونٽ شروع ٿي رهيو آهي، ان ۾ يونيورسٽين ۽ مدرسن جا ٻار پڻ حصو وٺندا، ايونٽ جو مقصد برداشت آهي، ڪاميابي ۽ ناڪامي راند جو حصو آهي، پر ناڪامي تي برداشت ڪرڻ سکڻو آهي. سرفراز احمد کي ڪپتاني تان هٽائڻ واري سوال تي وسيم اڪرم چيو ته ڏکڻ آفريڪا جو دورو رڳو پاڪستان ئي نه پر هر ٽيم لاءِ ڏکيو هوندو آهي. سرفراز تمام سٺي ڪپتاني ڪري رهيو آهي، مونکي ان رانديگر جو نالو  ٻڌايو وڃي جنهن کي ڪپتان سرفراز جي جاءِ تي ڪپتان بڻايو وڃي، سرفراز کانپوءِ اهڙو ڪو به رانديگر ناهي جيڪو ڪپتان بڻجي سگهي، سرفراز کانپوءِ عمران خان يا جاويد ميانداد ناهن ويٺا جو کين ڪپتان بڻايو وڃي.

The post وسيم اڪرم سرفراز احمد کي ڪپتاني تان هٽائڻ جي مخالف ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages