دبئي ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) مڪمل طور تي پاڪستان ۾ منعقد ڪرائڻ چاهيون ٿا. فواد چوڌري اڄڪلهه گڏيل عرب رياستن ۾ موجود آهي جتي هن مختلف ڪمپنين جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون آهن. سڌسماءُ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سپر ليگ کي مڪمل طور پاڪستان ۾ منعقد ڪرائڻ چاهيون ٿا ۽ اميد آهي ته پي ايس ايل جو چوٿون ايڊيشن دبئي ۾ آخري ايڊيشن هوندو. هن چيو ته چوٿين ايڊيشن کانپوءِ پي ايس ايل کي پاڪستان کڻي وڃڻو آهي ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي 21 ڪروڙ مان 15 ڪروڙ عوام ڪرڪيٽ ۽ سياست جا ايڪسپرٽ آهن. ياد رهي ته سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي شروعات گڏيل عرب رياستن ۾ 14 فيبروري کان ٿيندي جڏهن ته ليگ جي فائينل سميت 8 ميچون لاهور ۽ ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.
The post پي ايس ايل 5 ڪٿي منعقد ٿيندو؟ فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment