لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڪيٽرآصف علي ۽ صاحبزاده فرحان ڏکڻ آفريقا روانو ٿي ويا آهن .ٻئي ڪرڪيٽر لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روانو ٿيا جيڪي اڄ ڏکڻ آفريڪا ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي جوائن ڪندا. قومي ٽيم جا اوپنر امام الحق ۽ شان مسعود آخري ون ڊي مئچ بعد ڏيهه واپس ايندا. معطلي سبب پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد جي جاءِ تي محمد رضوان ڏکڻ آفريقا ۾ ئي ترسندو ۽ سرفراز احمد اڄ رات تائين ڏيهه موٽي ايندو. سرفراز جي غير موجودگي آخري ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ قومي ٽيم اڳواڻي شعيب ملڪ جي حوالي ڪئي وئي آهي.
The post ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آصف علي ۽ صاحبزادا فرحان ڏکڻ آفريڪا روانو ٿي ويا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment