لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي بدعنواني ٽوڙ عدالت ( اي سي سي ) بحريه ٽائون جي مالڪ، ملڪ رياض کي 22 فيبرور تائين گرفتار کان روڪي ڇڏيو آهي. لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ جج بهادر علي خان 47 ڪئنال زمين جي قبضي واري ڪيس ۾ ملڪ رياض سميت 8 ڄڻن جي ضمانت واري تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ملڪ رياض ۽ ٻين جوابدارن طرفان زاهد حسين بخاري ۽ اظهر صديقي ۽ ايڊووڪيٽ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران درخواست گذار ملڪ رياض جي وڪيل چيو ته سندس اصيل جي قبضي ۾ ڪا به سرڪاري زمين ناهي، اينٽي ڪرپشن اختيارين ملڪ رياض کي گرفتار ڪرڻ چاهن ٿيون، تنهنڪري سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي. ان تي اينٽي ڪرپشن جي وڪلين جو چوڻ هو ته بحريه ٽائون جي مالڪ تي اوقاف کاتي جي زمين تي غيرقانوني قبضو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن موقف ڄاڻايو ته ملڪ رياض 47 ڪئنال ايراضي سرڪاري زمين تي هائوسنگ ڪئي آهي. جنهن بعد اينٽي ڪرپشن عدالت ملڪ رياض سميت سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 22 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي.
The post عدالت ملڪ رياض کي 22 فيبروري تائين گرفتار………. ڏسو هن خبر ۾ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment