ساهيوال واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، مارجي ويل شهيد آهن: رحمان ملڪ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 29, 2019

ساهيوال واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، مارجي ويل شهيد آهن: رحمان ملڪ


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ ساهيوال سانحي کي ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ساهيوال سانحي جي متاثرن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. سينيٽر رحمان ملڪ ساهيوال سانحي جي متاثرن سان ملاقات ڪئي.  رحمان ملڪ متاثر خاندان کي انصاف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته توهان سان انصاف ٿيندو. سينيٽر رحمان ملڪ ساهيوال سانحي کي ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏنو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو مارجي ويا تن کي شهيد چوندس. هن چيو ته چئني ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، توهان سان انصاف ٿيندو، ڪا به شيءَ لڪائڻ نه ڏيندس، خاندان کي تحفظ به ڏينداسين.

The post ساهيوال واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، مارجي ويل شهيد آهن: رحمان ملڪ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages