پهرين فيبروري کان ڪهڙو ڪم شروع ٿيندو؟… شيخ رشيد ويڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

پهرين فيبروري کان ڪهڙو ڪم شروع ٿيندو؟… شيخ رشيد ويڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو


لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد ڪلين، گرين ۽ خوش اخلاقي ريلوي مهم جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهرين فيبروري کان اسان پنهنجي ريلن ۽ اسٽيشنن جي صفائي شروع ڪنداسين. سوشل ميڊيا تي جاري هڪ ويڊيو پيغام ۾ شيخ رشيد چيو ته اها مهم پهرين کان 28 فيبروري تائين هلائي ويندي، جنهن تحت ريلن، اسٽيشنن ۽ پليٽ فارمن جي صفائي ڪنداسين، ان سان گڏوگڏ اسٽيشنن جي ڀرپاسي وڻ پوکيا ويندا، ان مهم ۾ ريلوي جو عملو مثالي خوش اخلاقي سان پيش ايندي مسافرن کي بهترين سروس فراهم ڪندو. سندس چوڻ هو ته هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ ان مهم جي نگراني مان پاڻ ڪندس، ٽرينن ۽ پليٽ فارمن تي وڃي عوام سان ملندس ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. شيخ رشيد عوام کي اپيل ڪئي ته اهي به ڪلين، گرين ۽ خوش اخلاق ريلوي مهم جو حصو بڻجن ۽ بنا ٽڪيٽ سفر ڪندڙن جي پڪڙ ڪن. هن چيو ته وزارت ۾ عوام جي سهولت لاءِ شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن وقت سر ازالو ڪري سگهجي، وزيراعظم جي نظريي موجب مسافرن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ريلوي سروس کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، پاڪستان ريلويز مان بدعنواني جو مڪمل خاتمو ڪري ساهه پٽينداسين.

The post پهرين فيبروري کان ڪهڙو ڪم شروع ٿيندو؟… شيخ رشيد ويڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages