ڇا اوهان پاڻي پيئڻ وقت اهي غلطيون ته ناهيو ڪندا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

ڇا اوهان پاڻي پيئڻ وقت اهي غلطيون ته ناهيو ڪندا


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هر انسان کي هڪ مخصوص مقدار ۾ پاڻي پيئڻ جي ضرورت هوندي آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻي پيئڻ وقت اسان ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه غلطيون ڪندا آهيون جيڪي اسان کي نقصان رسائينديون آهن. مصالحي واروکاڌو کائڻ کان پوءِ پاڻي پيئڻ کان  پاسو ڪيو. ان وقت پاڻي پيئڻ کاڌي کي هضم ڪرڻ واري گيسٽرڪ جوس جي اثر کي گھٽائيندو آهي جنهن سان کاڌو هضم ٿيڻ ۾ ڏکيايون پيش اينديون آهن. ان کان پوءِ انسولين جي سطح ۾ به واڌ ٿي ويندي آهي.هڪ ئي وقت گھڻو پاڻي پيئڻ ٿُڪ کي سنهو ڪري ڇڏيندو آهي جنهن سان کاڌي کي هضم ڪرڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي. هڪ ئي وقت ۾ 60 کان 90 ملي ليٽر پاڻي پيئڻ ۽ آهستي آهستي پيئڻ. ڪيترن ڪلاڪن جي ننڊ کان بعد اسان جو جسم کي  پنهنجي توانائي بحال ڪرڻ لاءِ فوري طور تي ڪجهه شين ضرورت هوندي آهي ۽ پاڻي به انهن مان هڪ آهي.ننڊ ۾ اسان جو جسم خشڪ ٿي ويندو آهي ۽ بيدار ٿيڻ کان بعد فوري طور تي جسم کي هائڊروجن فراهم ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ ضروري آهي. رات جو ننڊ لاءِ بستري تي وڃڻ کان اڳ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ پنهنجي عادت بڻايو. اهو ننڊ دوران جسم کي ڊي هائڊريشن کان بچائندو آهي جڏهن  ته پاڻي نه پيئڻ جي صورت ۾ سمورو ڏينهن اوهان سستي محسوس ڪندوءُ. سخت ورزش ڪندي تمام گھڻو پاڻ پيئڻ کان پاسو ڪريو، اهو اوهان کي مٿي جي سور ۽ چڪرن ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو. ڪا تيز ۽ مصالحي واري شئي کائڻ کان بعد ان جي گرمائش ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي پيئندا آهيون، پر ڇا اوهان کي خبر آهي پاڻي پيئڻ انهن ماليڪيولز کي تيز ڪندو آهي جيڪو اسان جي زبان جي گرمائش پيدا ڪندا آهن؟ مطلب ته توهان جيترو گھڻو پاڻي پيئندئو اوترو ئي گرمائش محسوس ڪندوءُ، ان ڪري کير پيئڻ گرمائش کي گھٽ ڪري سگھي ٿو.

The post ڇا اوهان پاڻي پيئڻ وقت اهي غلطيون ته ناهيو ڪندا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages