لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته ٽيڪس ريٽرن فائنل ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ ان ڏس ۾ ڪم پڻ جاري آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ زراعت جو شعبو صوبائي معاملو بڻجي ويو آهي، صنعتون هلائڻ سيڙپڪارن جو ڪم آهي ۽ حڪومت جو ڪم سهڪار ڪرڻ آهي، هن چيو ته ٽيڪس ريٽرن فائنل ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ ان حوالي سان ڪم جاري آهي، ادارن ۾ آڊٽ وارو نظام ضروري آهي، فنانس بل ۾ عورتن لاءِ گهڻو ڪجهه آهي جڏهن ته بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ آزادي هئڻ گهرجي.
The post ٽيڪس ريٽرن فائنل ڪندڙن لاءِ …… اسد عمر جو اهم بيان اچي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment