پنجاب جي ويهن کان وڌيڪ وزيرن جي کاتن جي ڪارڪردگي غيرتسلي بخش قرار: رپورٽ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

پنجاب جي ويهن کان وڌيڪ وزيرن جي کاتن جي ڪارڪردگي غيرتسلي بخش قرار: رپورٽ


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي ويهن کان وڌيڪ وزيرن جي ماتحت کاتن جي ڪارڪردگي غيرتسلي بخش قرار ڏني وئي آهي.  پنجاب جي وزيرن جي ماتحت کاتن جي ڪارڪردگي تي پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ بورڊ رپورٽ تيار ڪري ورتي جيڪا وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي ويندي. رپورٽ موجب 20 کان وڌيڪ وزيرن جي ماتحت کاتن جي ڪارڪردگي غيرتسلي بخش آهي جنهن ۾ صحت واري صوبائي وزير ياسمين راشد جي کاتي جي ڪارڪردگي 33 سيڪڙو ۽ مڪاني کاتن واري وزير عبدالعليم جي کاتي جي ڪارڪردگي 21 سيڪيڙو رهي . رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سياحت واري وزير ياسر همايون جي کاتي جي ڪارڪردگي 31 سيڪڙو، سوشل ويلفيئر اينڊ بيت المال محمد اجمل جي کاتي ڪارڪردگي 37 سيڪڙو، آپباشي واري وزير محمد محسن لغاري جي کاتي جي ڪارڪردگي 38 سيڪڙو جڏهن ته خوراڪ واري وزير سميع الله چوڌري جي کاتي جي ڪارڪردگي 39 سيڪڙو رهي.  رپورٽ موجب ترقياتي منصوبن جي سمورن کاتن لاءِ 238 ارب رپيا رکيل آهن، 14 کرب بجيٽ صوبائي کاتن کي جاري ڪئي وئي جنهن ۾ 91 ارب رپيا استعمال ٿيا.

The post پنجاب جي ويهن کان وڌيڪ وزيرن جي کاتن جي ڪارڪردگي غيرتسلي بخش قرار: رپورٽ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages