وزيراعظم ابوجهل وارا ڪم ڪري رهيو آهي… ن ليگ اڳواڻ جو سخت بيان سامهون اچي ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, January 27, 2019

وزيراعظم ابوجهل وارا ڪم ڪري رهيو آهي… ن ليگ اڳواڻ جو سخت بيان سامهون اچي ويو


Khawaja Asif Nohli filed a written reply in the caseاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان جون ڳالهيون خلفائي راشدين واريون ۽ عمل ابوجهل وارو آهي. وزيراعظم عمران خان نمل يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اپوزيشن پارٽين جي اعليٰ قيادت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن جي ردعمل ۾ خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان جي سياست ڪوڙ، گارگند ۽ غنڊا گردي تي بيٺي آهي، هو ٻارن کي ٻڌائي ته مشرف جي هنج ۾ ڪير ويٺو هو؟ هو شهباز شريف تي ڳالهائڻ کان اڳ ان جهڙيون 3 ميٽرو ٺاهي ڏيکاري، شريف ڀائرن 3 ميٽروز 90 اربن ۾ ٺاهيون پر توهان پشاور ميٽرو جي هڪ کرب جا کَڏا قوم کي ڏنا. اڳوڻي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو عوام کي ٻڌايو ته 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪٿي آهن؟ توهان نئين بجيٽ ۾ 1000 رپيا في گهر رکي عوام تي ٺٺول ڪئي آهي. خواجا آصف چيو ڪٿي آهن اهي 3 سئو ارب ڊالر، جيڪي توهان چيو هو ته نواز شريف ٻاهر موڪليا؟ سليڪٽڊ وزيراعظم رڳو احتساب جي نعري پويان لِڪي وار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته عوام کي ٻڌايو گذريل 5 مهينن ۾ لڪايل 1500 ارب رپيا ڪنهن جي کيسي ۾ ويا؟ ن ليگ جي ايمنسٽي تي تنقيد پيا ڪيو پر توهان جي ڀيڻ ان ئي ايمنسٽي جي ڇٽيءَ هيٺان پناهه ورتي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض وٺندڙ حڪومت بڻجي چڪي آهي، عمران خان صاحب ڇو نٿو ٻڌائي ته سندس حڪومت روز 15 ارب رپيا قرض وٺي رهي آهي، جڏهن ته جي ڊي پي شرح 5.8 مان گهٽجي 3 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جنهن سان هر سال 7 لکن کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي.

The post وزيراعظم ابوجهل وارا ڪم ڪري رهيو آهي… ن ليگ اڳواڻ جو سخت بيان سامهون اچي ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages