لائن آف ڪنٽرول تي 5 ارب رپين سان بنڪر ۽ ايمرجنسي هيلٿ يونٽ قائم ڪيا ويندا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

لائن آف ڪنٽرول تي 5 ارب رپين سان بنڪر ۽ ايمرجنسي هيلٿ يونٽ قائم ڪيا ويندا


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور اعلان ڪيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول تي پنج ارب رپين سان بنڪرز ۽ ايمرجنسي يونٽ قائم ڪيا ويندا. پي ايس ڊي پي منصوبن بابت اجلاس کي خطاب ڪندي علي امين گنڊا پور چيو ته ايل او سي تي رهندڙ شهرين جي حفاظت ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ  پنج ارب رپين جي پروجيڪٽ کي ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي پروگرام ۾ پهرين ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پنج ارب ارپين جي فنڊ سان ايل او سي تي حفاظتي بنڪرز، ايمرجنسي هيلٿ يونٽ، روڊ ٺاهيا ويندا، آزاد ڪشمير ۾ 200 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽور ازم ڪوريڊور منصوبي کي پي ايس ڊي پي پروگرام جو حصو بڻايو پيو وڃي، هي رٿا آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي شعبي کي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي لاءِ به تمام گهڻو اهم آهي. علي امين گنڊا پور چيو ته ايل او سي تي رهندڙ عوام ڀارتي اڳرائي خلاف آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي پهرين دفاعي لائن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن،  حڪومت جي ذميواري آهي ته ايل او سي تي رهندڙ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آڻي.

The post لائن آف ڪنٽرول تي 5 ارب رپين سان بنڪر ۽ ايمرجنسي هيلٿ يونٽ قائم ڪيا ويندا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages