ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي پلي آف مرحلي جي شروعات اڄ کان شروعات ٿي رهي آهي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ اڄ آمهون سامهون ٿينديون. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ اڄ شام ستين وڳي ڪوئيٽا گيلڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ڪواليفائر جو زبردست ٽاڪرو ٿيندو. ايونٽ ۾ ٻئي ٽيمون هنيئر تائين 7، 7 ميچون کٽي چڪيون آهن ۽ ٻنهي ٽيمن وٽ 14 پوائنٽون آهن جڏهن ته اسڪور بورڊ تي پشاور زلمي سرفهرست آهي ۽ ڪوئيٽا گيلڊي ايٽرز جو ٻيون نمبر آهي . اڄ ڪامياب ٿيندڙ ٽيم سڌو سنئون فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪندي جڏهن ته شڪست جو منهن ڏسندڙ ٽيم وٽ ايونٽ ۾ رهڻ لاءِ وڌيڪ هڪ موقعو ملندو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي مان جيڪا به ٽيم اڄ ميچ هارائيندي اها ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ٿيندڙ ميچ جي فاتح ٽيم سان مقابلو ڪندي.
The post پي ايس ايل جو پلي مرحلو اڄ کان شروع، ڪوئيٽا جو پشاور سان مقابلو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment