اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ شهيد پاڪستانين جي پونيئرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شهريار آفريدي نيوزيلينڊ حملي ۾ شهيد ٿيل پاڪستانين جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته شهيد پاڪستانين جي پونئيرن ۾ ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، جڏهن ته ڏُک جي هن گهڙي ۾ پاڪستاني عوام نيوزيلينڊ سان گڏ آهي. هن چيو ته دهشتگرديءَ جو ڪو مذهب ناهي هوندو.
The post دهشتگرديءَ جو ڪو مذهب ناهي هوندو: شهريار آفريدي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment