برلن (ويب ڊيسڪ) ڪڪڙن جي آنن جي بيڪار کلن مان بيٽري ٺاهڻ جو طريقو ڳولهيو ويو آهي ۽ ان تحت ماحول دوست ۽ گھٽ خرچ واريون بيٽريون تيار ڪري سگھجن ٿيون. جرمني جي هيم هولٽز يونيورسٽي ۾ عالمي ماهرن جي ٽيم عام ڪُڪِڙ جي آنن جي کلن کي پهريان ڌوتو ۽ خشڪ ڪري ان جو پائوڊر ٺاهيو. کلن جي پائوڊر ۾ ٻاهرين سطح تي موجود ڪيلشيئم ڪاربونيٽ به موجود هئا ۽ پروٽين سان ڀرپور اندرين جهلي کي به پيسيو ويو. ان کان پوءِ ان مٽيريل کي هڪ برقيري (اليڪٽروڊ) طور استعمال ڪيو ويو پر ان ۾ بجلي گذارڻ وارو مٽيريل استعمال ڪيو ويو هو ان مان جيڪو بيٽري سيل ٺاهيو ويو ان ۾ بجلي برقرار رکڻ جي شرح 92 سيڪڙو هئي ۽ ان کي 1000 ڀيرا ريجارچ ۽ استعمال ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن بجلي کي پڪڙي رکڻ جي اها صلاحيت ڪيلشيئم ڪاربونيٽ سبب هئي جيڪو آنن جي خولن ۾ موجود هوندو آهي. اهڙيءَ ريت انڊي جي کلن کي پِيهي ڪري ان مان گھٽ خرچ واريون ليٿيم آئن بيٽريون ٺاهي سگھجن ٿيون. يونيورسٽي سان لاڳاپيل ماهر ۽ تجرباتي ٽيم جي سربراهه پروفيسر ميڪسي ميلن فشنز جو چوڻ آهي ته قدرتي نظام ۾ اهو هڪ مٽيريل آهي جيڪو برقي ڪيميائي ذخيري لاءِ گھڻو مناسب آهي. ماهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهڙيءَ ريت گھٽ خرچ ماحول دوست بيٽريون تيار ڪرڻ ممڪن ٿي سگھندو.
The post آنن کي کلُن مان ليٿيئم آئن بيٽريون تيار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment