اسلام آباد کي ماڊل هيلٿ سٽي بڻائڻ جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, March 12, 2019

اسلام آباد کي ماڊل هيلٿ سٽي بڻائڻ جو فيصلو


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت اسلام آباد کي ماڊل هيلٿ سٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صحت واري وفاقي وزير عامر ڪياني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اسلام آباد کي ماڊل هيلٿ سٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. عامر ڪياني چيو ته اسلام آباد ۾ ٻه ٻهراڙي ۽ 9 نوان صحت جا بنيادي مرڪز ٺاهي رهيا آهيون، حڪومت صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ انقلابي قدم کڻي رهي آهي، اسلام آباد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو انگ 6 سئو ڪيو ويندو ۽ 4 وڏيون اسپتالون قائم ڪيون وينديون. حڪومت اسلام آباد ۾ هڪ نرسنگ يونيورسٽي ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو. صحت واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ 10 اربن جي لاڳت سان نرسنگ يونيورسٽي ٺاهينداسين، جڏهن ته علائقائي ۽ بنيادي صحت مرڪزن کي به اپ گريڊ ڪيو ويندو.

The post اسلام آباد کي ماڊل هيلٿ سٽي بڻائڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages