قومي ايڪشن پلان تي سمورين سياسي پارٽين سان مشوري جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, March 18, 2019

قومي ايڪشن پلان تي سمورين سياسي پارٽين سان مشوري جو فيصلو


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت قومي ايڪشن پلان ۽ ٻين قومي معاملن تي مشاورتي ڪانفرنس 28 مارچ تي گهرائڻ لاءِ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن کي خط لکي ڇڏيو آهي.  ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اهم قومي معاملن ۽ قومي ايڪشن پلان تي پارلياماني اڳواڻن سان مشوري لاءِ پارلياماني اڳواڻن جي ڪانفرنس طلب ڪئي آهي. مشاورتي ڪانفرنس 28 مارچ تي شام چار وڳي پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندي.  شاهه محمود قريشي طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊسمبر 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي واقعي کانپوءِ قومي ايڪشن پلان تيار ٿيو، اهو قومي ايڪشن پلان سمورين سياسي پارٽين جي مشوري جي نتيجي ۾ قومي اتفاق جو نتيجو آهي.  شاهه محمود قريشي لکيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان جا مختلف رخ آهن، ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف پنهنجي ڌرتي استعمال نه ٿيڻ ڏيڻ جي عوامي واعدي جي پاسداري به قومي ايڪشن پلان ۾ شامل آهي.

The post قومي ايڪشن پلان تي سمورين سياسي پارٽين سان مشوري جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages