بوسٽن (ويب ڊيسڪ) ٽي بي جي مريضن کي ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا دوا کائٽي پوندي آهي جيڪو هڪ پريشان ڪندڙ عمل به هوندو آهي پر هاڻي ماهرن پيٽ ۾ وڃي دوا خارج ڪندڙ ننڍي ڪوائل تيار ڪئي آهي جيڪا معدي ۾ لهي اتي رهندي ڪيترن ئي هفتن تائين دوا خارج ڪندي رهندي آهي. دوان سان ٺهيل هار جهڙي ڪوائل کي ميسا چيوسيٽن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي ( ايم آءِ ٽي) جي سائنسدان ملويڪا ورما ۽ سندس ساٿين تيار ڪيو آهي. ڪوائل ٺهڻ بعد ان جي ڊيگھه 10 سينٽي ميٽر هوندي آهي جنهن ۾ دوائون ڀري سگھجن ٿيون. جهڙيءَ ريت ڌاڳي ۾ سوراخ واريون ٽافيون لڳايون وينديون آهن اوڙهيءَ ريت مختلف دوائن وارين گوريون ان جو حصو هونديون آهن ۽ هر ٽڪي هڪ خاص دوا رکندي آهي. ان ڪوائل کي سڌو ڪري پهريان نڪ جي رستي پيٽ ۾ پهچايو ويندو آهي ۽ پيٽ اندر ويندي اها ٻيهر ڪوائل جي صورت اختيار ڪندي آهي. ان تي لڳل مختلف دوائون پنهنجي پاليمر جي لحاظ سان مختلف نموني سان پيٽ ۾ ڳرندي ۽ خارج ٿيندي رهندي آهي. اهڙيءَ ريت سموري دوا استعمال ٿيڻ بعد ڪوائل چڪمڪ ذريعي جسم مان ٻاهر ڪڍي ويندي آهي. ماهرن ان جا فائدا ڄاڻڻ لاءِ ان ۾ اينٽي بايوٽڪس لڳائي ڪوائل کي جانورن تي آزمايو. هڪ مهيني تائين رت ۽ ٻين ٽيسٽن مان خبر پئي ته ڪوائل مان دوا لاڳيتو ڳري رهي آهي. ۽ جانورن جي جسم ۾ شامل ٿي رهي آهي. ان دوران جا انهن تي ڪي به سائيڊ افيڪٽس نه ٿيا. جانورن ۾ وزن جي گھٽتائي، کائڻ جي مسئلي، معدي ۾ زخم ۽ فضلو خارج ٿيڻ سميت ڪو به مسئلو نه ڏٺو ويو. پري وارن ۽ غريب علائقن ۾ ٽي بي جي مريضن لاءِ دوا حاصل ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ڇو جو ان لاءِ روزانو ڪيريون ئي دوائون کائڻيون پونديون آهن. دوا واري ڪوائل سان اها ڏکيائي حل ٿي سگھي ٿي ۽ هڪ ڪوائل ڪيترن هفتن ۽ مهينن تائين دوا خارج ڪندي رهندي آهي. جيڪڏهن ٽي بي جي علاج دوران مريض دوا کائڻ ۾ غفلت ڪندا آهن ته ٽي بي جا جراثيم پاڻ کي تبديل ڪري مضبوط ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ هڪ هنڌ ائين به ٿيندو آهي ته دوا جو اثر ختم ٿي ويندو آهي. ان مرض کي ڊرگ ريزسسٽنٽ ٽي بي چيو ويندو آهي.
The post ٽي بيءَ جي اثرائتي علاج لاءِ دوا واري ڪُوائل تيار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment