اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جا سمورا دستاويز احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ گذريل ڏينهن جعلي اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کي پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. ايف آءِ اي ڪيس بابت سمورا دستاويز احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيس ۾ هن وقت تائين 6 جوابدار گرفتار ٿيا آهن، جوابدار اسلم مسعود اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي جي قيد ۾ آهي، جڏهن ته باقي 50 جوابدار نيب جي قيد ۾ آهن. ايف آءِ اي ڪيس ۾ نامزد اومني گروپ جي چيف فنانشل آفيسر اسلم مسعود جو ڪيس به اسلام آباد منتقل ڪيو ويو.
The post مني لانڊرنگ ڪيس باضابطا طور ڪراچي مان اسلام آباد منتقل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment