نواز شريف کي لنڊن موڪليون ته ڇا….. ياسمين راشد سخت بيان ڏئي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

نواز شريف کي لنڊن موڪليون ته ڇا….. ياسمين راشد سخت بيان ڏئي ڇڏيو


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته نواز شريف کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ته اتان جي مريضن سخت  ڏکيائن کي منهن ڏنو ، پرڏيهه ۾ موجود ڊاڪٽر به زندگي جي ضمانت نٿا ڏئي سگهن.  لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته نواز شريف جن اسپتالن تي تنقيد ڪري رهيو آهي انهن جي هڪ سال جي ڪارڪردگي کي ڏسي، ماضي ۾ جڏهن حڪومت سندس وٽ هئي تڏهن ادارن جي حالت بدتر هئي.  سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي جناح اسپتال وٺي وياسين اتان جا مريض ۽ سندن وارث تنگ ٿيندا رهيا، ليگي اڳواڻن جي سيڪيورٽي سبب مريضن جي وارثن کي اسپتال جي حدن ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو هو. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻن، اسمبلي ميمبرن  ۽ قيادت سان اسان جون نواز شريف کي طبي سهولتون ڏيڻ بابت ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ انهن پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ تي ئي زور ڏنو.  ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ هو ته ن ليگ اڳواڻ نواز شريف کي پرڏيهه موڪلڻ جي ضد تي بيٺل آهن، ٻاهرين ملڪ جي اسپتالن ۾ موجود ڊاڪٽر به ڪنهن جي حياتي جي ضمانت نٿا ڏئي سگهن.

The post نواز شريف کي لنڊن موڪليون ته ڇا….. ياسمين راشد سخت بيان ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages