ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين سيزن جو فائينل اڄ سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ تياريون پڻ عروج تي آهن جڏهن ته ان موقعي تي پاڪ فوج ۽ سنڌ پوليس جا جوان سيڪيورٽي جا فرض سر انجام ڏيندا. تفصيل موجب ڪراچي ڪنگز جي ٽيم فائيل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي هئي جنهنڪري ڪراچي جا ملڪي توڙي پرڏيهي رانديگر به پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا آهن جن ۾ انگلش ڪرڪيٽر روي ڀوپارا به شامل آهي جنهن وطن پهچندي پاڪستانين لاءِ شاندار پيغام جاري ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ روي ڀوپارا چيو آهي ته پاڪستان اوهان کي پاڻ تي فخر ڪرڻ گهرجي، مان هر سپاهي ۽ فوجي جو ٿورائتو آهيان جن اسان جي حفاظت ڪئي، هن ڀيري ۾ وڌيڪ ماڻهن سان ملي سگهيس ، جهڙي قسم جي مهمانوازي پاڪستان ۾ ڪئي وئي اها سڀني کان بهترين ميزباني منجهان هڪ آهي.
The post انگلش ڪرڪيٽر روي ڀوپارا جو فوج ۽ پوليس لاءِ اهڙو پيغام جنهن پاڪستانين جو دليون کٽي ورتيون appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment