لنڊن (ويب ڊيسڪ) تاريخ جي وڏي سائنسدان ۽ ڪونيات جي ماهر اسٽيفن هاڪنگ جي اعزاز ۾ يادگار سڪو جاري ڪيو ويو آهي. اهو سڪو برطيانوي حڪومت طرفان هن جي ورسي جي موقعي تي 14 مارچ تي جاري ڪيو ويندو. اهو نئون چمڪندڙ سڪو خوبصورت آهي جنهن کي برطانيا جي مشهور ڊيزائنر ايڊوينا ايلس ڊيزائن ڪيو آهي. سڪي جي پويان اسٽيفن هاڪنگ جو نالو لکيل آهي. ۽ ان جي مٿان سندس جو فارمولو لکيل آهي جيڪو بليڪ هول ۾ اينٽروپي کي ظاهر ڪري ٿو يعني بليڪ هول اندر انتشار وڌندو ويندو آهي. سڀ کان هيٺ بليڪ هول کي خوبصورت انداز ۾ ٺاهيو ويو آهي جيڪو مسلسل پکيڙجي رهيو آهي. ان کان اڳ چارلس ڊارون ۽ سر آئزڪ نيوٽن جا يادگار سڪا به جاري ڪيا ويا هئا ۽ هاڻي اسٽيفن هاڪنگ اهو اعزاز ماڻيندڙ ٽيون وڏو سائنسدان آهي. ان کان اڳ اسٽيفن هاڪنگ جي ڌيءَ لوسي ۽ سندس ڀاءُ ٽم کي سرڪاري ٽڪسال جو دورو ڪيو جتي هنن سڪو ٺهڻ جو عمل ڏٺو. واضح رهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين اسٽيفن هاڪنگ جي ياد ۾ 50 پائونڊن جو نوٽ به جاري ڪيو ويندو. اسٽيفن هاڪنگ 22 سالن جي عمر ۾ موٽر نيورون ڊيزيز جو شڪار ٿي ويو هو ۽ ڊاڪٽرن جي اڪثيريت هن جي زندگي کي گھڻو مختصر قرار ڏنو هو پر نه رڳو اسٽيفن هاڪنگ زندهه رهيو پر پنهنجي حافظي جي ڪري ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل مساوات به درست لکرائيندو هيو. گذريل سال 14 مارچ تي اسٽيفن هاڪنگ 76 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
The post برطانيا حڪومت پاران اسٽيفن هاڪنگ جي اعزاز ۾ سڪو جاري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment