ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي وي جي خوبصورت جوڙي احد رضا مير ۽ سجل علي کي عالمي ويب سائٽ بز ايشيا تي “بهترين جوڙي” لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. عالمي ويب سائٽ بزايشيا آن لائن ايوارڊ 2019ع جي نامزدگين جي فهرست جاري ڪئي آهي. ان ويب سائٽ انهن اداڪارن کي ايوارڊ سان نوازڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي پنهنجي هاڪاري ۽ غيرمعمولي ڪم سبب ايشيا ۾ پنهنجي سڄاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. بزايشيا ۾ گھڻو ڪري ڀارتي اداڪار، اداڪارائون ۽ ڀارتي ڊرامن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ نامزد ڪيو ويو آهي پر پاڪستان جي مشهور ڊرامي “آنگن” ذريعي ماڻهن کي ديوانو بڻائڻ وارا احد رضا مير ۽ سجل علي جي جوڙي به نامزدگين ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. احد رضا ۽ سجل علي کي ڊراما سيريل “آنگن” ۾ بهترين جوڙي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ان ڪيٽيگري ۾ هنن جو مقابلو ڀارتي ٽي وي جي ناليوارن اداڪارن هرشد چوپڙا ۽ جينيفر ونگٽ، نڪل ۽ سر ڀي سميت ٻين اداڪارن سان ٿيندو. احد ۽ سجل کان علاوه بهترين ميوزڪ ٽيلنٽ جي ڪيٽيگري ۾ پاڪستاني راڳي عاطف اسلم کي به مختلف ڀارتي راڳين سان گڏ نامزد ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته بز ايشيا ويب سائٽ تي نتيجن جو اعلان اپريل ۾ ڪيو ويندو.
The post احد مير ۽ سجل علي جي جوڙي ڇا لاءِ ٿي نامزد….ڏسو خبر ۾ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment