انتهاپسند هندن جو شاهه رخ خان، عامر خان ۽ سلمان خان تي پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, March 13, 2019

انتهاپسند هندن جو شاهه رخ خان، عامر خان ۽ سلمان خان تي پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ


ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪ -ڀارت ڇڪتاڻ بعد انتهاپسندن هندن کي بالي ووڊ سان لاڳاپيل مسلمان فنڪارن تي پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو ٽاسڪ ملي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب خبر پئي آهي ته پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ لاءِ بالي ووڊ ۾ ڪم ڪندڙ گھڻن مسلمان فنڪارن کي سڌي ريت ۽ اڻ ڄاتل فون نمبرن تان فونن ذريعي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته هو سوشل ميڊيا تي گھڻي کان گھڻا پاڪستان مخالف بيان ڏين. ٻي پاسي انتهاپسندن جي اڳواڻن پاران شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ عامر خان کي به پيغام پهچايا ويا آهن. ان کان علاوه ڀارتي ميڊيا جي مسلمان ۽ پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ جي مهم هلائڻ لاءِ اڳ ئي سرگرم نظر  اچي رهي آهي اتي  سموري دنيا ۾ به ان مهم تي ڀارتي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي پر ان باوجود مودي سرڪار ايندڙ چونڊنون کٽڻ لاءِ اينٽي مسلم ۽ اينٽي پاڪستان ڪارڊ استعمال ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهن. موجودهه صورتحال ۾ جتي هن جي هڪ ٻانهن انتهاپسند هندو بڻيل آهن ته ٻي پاسي وري ٻي ٻانهن ميڊيا بڻجي چڪو آهي جيڪو مسلسل ٽي وي پروگرامن ۾ پاڪستان ۽ مسلمانن خلاف مهم هلائي رهي آهي. ڀارت جي مسلمان فنڪارن کي اهو به سمجهايو پيو وڃي ته جيڪڏهن هنن پاڪستان مخالف بيان نه ڏنا ته هنن خلاف بالي ووڊ ۾ سخت قسم جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو هڪ پاسي هنن کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويندو ته ٻي پاسي هنن کي ڀارت ۾ به رهڻ نه ڏنو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو فنڪار سوشل ميڊيا تي باقاعده اينٽي پاڪستان بيان جاري ڪيا آهن پر ان لاءِ هنن کي مجبور ڪيو ويو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ جن بالي ووڊ فنڪارن اينٽي بيان ڏنا آهن انهن کي سموري دنيا ۾ پنهنجن پرستارن پاران ڇتي تنقيد سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان حوالي سان پاڪستان ۾ شوبز جي سنجيده ماڻهن جو چوڻ آهي ته فنڪارن کي سياست کان پري رهڻ گھرجي ڇو جو فنڪار جو فن ڪنهن سرحد تائين محدود نه آهي پر ڀارت ۾ ڄاڻي واڻي فنڪارن کي سياست جو حصو بڻايو ويو آهي جيڪو انتهائي بيوقوفاڻا قدم آهن ۽ ان جا نتيجا هاڪاري نه پر ناڪاري ايندا.

The post انتهاپسند هندن جو شاهه رخ خان، عامر خان ۽ سلمان خان تي پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages