نيب  ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, March 14, 2019

نيب  ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين جي معاملي تي متحدا قومي مووومنٽ (ايم ڪيو ايم) جي صنعت ۽ واپار واري اڳوڻي وزير رئوف صديقي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب جي انڪوائري خلاف اڳوڻي وزير رئوف صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. واضح رهي ته سنڌ سمال انڊسٽريز کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ ٻين خلاف نيب جي انڪوائري جاري آهي. پنهنجي درخواست ۾ اڳوڻي وزير موقف اختيار ڪيو هو ته نيب بي بنياد الزامن تي هن خلاف جاچ ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه هن نيب پاران گرفتاري جي خدشي کي نظر ۾ رکندي عبوري ضمانت ڏيڻ جي به استدعا ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته نيب ايم ڪيو ايم ڳواڻ رئوف صديقي کي جوابدار نامزد ڪيو آهي. اڳوڻي وزير ۽ ٻين خلاف غير قانوني ڀرتين جو الزام ثابت ٿيو آهي. ريفرنس جي حوالي سان عدالت کي آگاهه ڪندي پراسيڪيوٽر چيو ته رئوف صديقي ۽ سندس ٻين ساٿين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ معاملو هيڊ ڪوارٽر موڪلي سگھجي ٿو. جنهن تي عدالت نيب کي ريفرنس داخل ڪري رپورٽ 2 مئي تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

The post نيب  ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages