ڊالر مهانگو ٿي ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح 147 رپين تائين پهچي ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 16, 2019

ڊالر مهانگو ٿي ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح 147 رپين تائين پهچي ويو


ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ چار سيڪڙو مهانگو ٿي 147 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.ڪاروباري ڏيتي ليتي جي شروعات ٽي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 5 ڏهائي 61 رپين جو اضافو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ اهو ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تائين پهچي ويو آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي خريداري قيمت 146 ۽ وڪري جي قيمت 147 رپيه ڏٺي وئي.  پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ 666 ارب رپين جو اضافو ٿي ويو آهي. مارچ جي پڄاڻي تي پاڪستان تي پرڏيهي قرضن جو ڪاٿو 105 رپيه ارب ڊالر هو، رپئي جو ملهه گهٽ ٿيڻ تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ناڪاري رجحان آهي، جتي 100 انڊيڪس 325 پوائنٽس گهٽتائي سان 33 هزار 965 جي سطح تي اچي ويو آهي.

The post ڊالر مهانگو ٿي ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح 147 رپين تائين پهچي ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages