فيس بڪ لائيو اسٽريمنگ تبديل، واهپيدارن تي نيون پابنديون لاڳو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 16, 2019

فيس بڪ لائيو اسٽريمنگ تبديل، واهپيدارن تي نيون پابنديون لاڳو


سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي وڏي ويب سائٽ فيس بڪ ويڊيو لائيو اسٽريمنگ تي نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو.

فيس بڪ طرفان جاري ڪيل بلاگ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرائسٽ چرچ سانهي جي ويڊيو لائيو نشر ٿيڻ کان پوءِ انتظاميا کي واهپيدارن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سفارش ڪئي وئي ته شدت پسنداڻي مواد کي روڪڻ لاءِ ترت اپاءَ روتا وڃن.

فيس بڪ واهپيدارن کي نئين پابندين بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته هاڻي ويڊيو لائيو اسٽريمنگ لاءِ “ون اسٽرائيڪ” پاليسي جلد لاڳو ڪئي ويندي.

ون اسٽرائيڪ پاليسي تحت لائيو اسٽريمنگ استعمال ڪندڙ واهپيدارن تي ڪميونٽي اسٽينڊرڊ لاڳو ٿيندو جيڪو اڳ نه هو. يعني هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص لائيو ويڊيو کي رپورٽ ڪندو ته انتظاميا ان خلاف ايڪشن به کڻندي.

فيس بڪ طرفان ڪميونٽي اصولن جا قائدا ۽ ضابطا به ٻڌايا ويا آهن، ڀڃڪڙي ڪندڙ واهپيدارن جي ويڊيو فوري طور تي پليٽ فارم تان ڊليٽ ڪندي ان تي لائيو اسٽيمنگ جي پابندي لڳائي  ويندي ۽ جيڪڏهن تسلسل سان گڏ ويڊيوز کي رپورٽ ڪيو ويو ته آءِ ڊي بلاڪ به ڪري سگھجي ٿي.

نائب صدر گاءِ روسين جو چوڻ هو ته لائيو اسٽريمنگ دوران تشدد يا ٻئي نفرت پکيڙيندڙ مواد کي روڪڻ يقيني بڻايو آهي، واهپيدارن طرفان فيچر جي هاڪاري استعمال جي حوصلا افزائي به ڪئي ويندي.

هن جو چوڻ هو ته نيون پابنديون فيس تي جلد جڏهن ته ان سان لاڳاپيل سڀني ايپس تي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ لاڳو ڪئي ويندي.

The post فيس بڪ لائيو اسٽريمنگ تبديل، واهپيدارن تي نيون پابنديون لاڳو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages