

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر کي هڪ دفعو ٻيهر پر لڳي ويا آهن ۽ هاڻي رپئي جي مقابلي ۾ نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. اڄ هڪ دفعو ٻيهر انٽر بئنڪ ۾ به ڊالر کي پر لڳي ويا آهن ۽ هاڻي رپئي جي مقابلي ۾ نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. جمعي جي ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ڏٺو ويو جنهن کانپوءِ ڊالر جو ملهه وڌيڪ وڌي 150 رپيه جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. ٻئي طرف اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙرائي جي شدت 898 پوائنٽس تائين پهچي وئي آهي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس وڌيڪ گهٽجي 33093 پوائنٽس تي اچي وئي جڏهن ته شيئرز جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب سيڙپڪارن جا 105 ارب رپيه ٻڏي ويا آهن.
The post ڊالر جي ملهه ۾ رڪارڊ واڌ، 150 رپين جو ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment