

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته معاشي تباهين کانپوءِ هاڻي ڪهڙي منهن سان عوام وٽ وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شريف خاندان معاشي دهشتگردي سان عوام ۽ معيشت کي رتورت ڪيو. هن چيو ته معاشي تباهي کانپوءِ هاڻي ڪهڙي منهن سان عوام وٽ وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 30 سال معيشت جو جنازو ڪڍندڙ عوام جو وڌيڪ تيل ڪڍڻ چاهين ٿا.
The post فردوس عاشق اعواڻ معاشي بحران جو ذميوار شريف خاندان قرار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment