

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت سول جج تي حملي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار ايڊووڪيٽ عمران منج کي 18 سال ۽ 6 مهينا قيد جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي. فيصل آباد ۾ دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت سينئر سول جج خالد محمود وڙائچ تي حملي جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ۽ جوابدار کي اڍائي لک رپيه ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب 25 اپريل تي جڙانوالا جي مقامي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران منهن ماري کانپوءِ ايڊووڪيٽ عمران منج ڪرسي کڻي سينئر جج کي هڻي ڪڍي ڇڏي. واقعي خلاف ججن هڙتال ڪئي جنهن سان سائلين کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. پوليس ايڊووڪيٽ عمران منج کي گرفتار ڪري ورتو مٿس دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو.
The post فيصل آباد ۾ جج کي ڪرسي هڻندڙ جج کي 18 سال قيد جي سزا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment