

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي باصلاحيت ۽ خوبصورت اداڪارا مايا علي انسٽاگرام تي جذباتي پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن مداحن طرفان مليل محبت جو ٿورو مڃيو آهي.
فلم ”طيفا ان ٽربل“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مايا علي جا مداح لکن ۾ آهن، جيڪي هن سان گھڻي محبت ڪندا آهن. انسٽاگرام تي مايا علي جي مداحن سندس جي نالي سان ڪيترائي پيج ٺاهيا آهن. مايا علي انهن سڀني پيجن کي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪندي پنهنجي پرستارن جي محبت جي جواب ۾ جذباتي پيغام شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي شوبز جي سفر بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
مايا علي پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن بابت لکيو ته شوبز جي شروعات ۾ مونکي ڪنهن جي به حمايت حاصل نه هئي، مايا علي رڳو هڪ نالو هيو پر منهنجا گھڻا خواب هئا ۽ آئون پنهنجا خواب پورا ڪرڻ چاهيندي هيس.
مونکي شروعات ۾ نه ته مداحن بابت ڪا ڄاڻ هئي ۽ نه ئي سوشل ميڊيا بابت پر آئون محنت ڪئي ۽ پنهنجي ڪيريئر تي فوڪس ڪيو، ماڻهن به منهنجي ڪم کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي محبتن سان نوازيو ڪجهه ماڻهن تنقيد به ڪئي پر آئون ڪڏهن به برو نه مڃيو.
مايا علي گھڻي ڪاميابي ڏيڻ تي خدا جو ۽ پنهنجي چاهيندڙن جو ٿور مڃيو جن انسٽاگرام تي سندس جي نالي سان ايترا گھڻا چيج ٺاهيا ۽ چيو ته پوسٽ ڏسي منهنجا وار اڀا ٿي ويا ڇو جو ان پوسٽ مان منهنجي ڪيريئر جو سمورو سفر منهنجي اکين اڳيان اچي ويو.
The post مايا علي مداحن جي محبت ڏسي جذباتي ٿي وئي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment