حمزا شهباز جي عارضي ضمانت ۾ 28 مئي تائين واڌ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 22, 2019

حمزا شهباز جي عارضي ضمانت ۾ 28 مئي تائين واڌ


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ رمضان شگر مل، صاف پاڻي ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ڪيس ۾ حمزا شهباز جي عارضي ضمانت ۾ 28 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي، نيب جي وڪيل چيو ته حمزا شهباز کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سندس ملڪ مان فرار ٿيڻ جو خدشو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ رمضان شگر مل، صاف پاڻي ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ڪيس ۾ حمزا شهباز جي عارضي ضمانت ۾ واڌ لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

عارضي ضمانتن ۾ واڌ لاءِ حمزا شهباز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل چيو ته حمزا شهباز جي وڪيلن کي گرفتاري جا سبب، انڪوائري ۽ جاچ ريڪارڊ فراهم ڪري ڇڏيو آهي، عدالت کي اختيار آهي ضمانت رد ڪري يا منظور ڪري،  جيڪي دستاويز حمزا شهباز جي وڪيلن گهريا کي فراهم ڪيا ويا آهن .

نيب جي وڪيل جو چوڻ هو ته حمزا شهباز اربين رپين جي ملڪيت ٺاهي جن جا ذريعا نامعلوم آهن، ڀاءَ سلمان ۽ والد جي اڪائونٽ ۾ پرڏيهه مان اربين رپيا آيا، حمزا شهباز کان جاچ ڪرڻ لاءِ گرفتاري ضروري آهي، حمزا شهباز کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سندس ملڪ مان فرار ٿيڻ جو خدشو آهي.

حمزا شهباز جي وڪيل چيو ته انڪوائري تي نيب چيئرمين جي اجازت جو لکت ۾ حڪم نه پيو ڏنو وڃي، اجازت نامو موجود ناهي ته ڪارروائي غيرقانوني آهي، جنهن ته نيب جي وڪيل جو چوڻ هو ته انڪوائري جي اجازت ۽ گرفتاري جا سبب فراهم ڪيا ويا آهن، ڪيترائي دستاويز آفيس ريڪارڊ جو حصو آهن جيڪي فراهم نٿا ڪري سگهجن.

جنهن کان پوءِ عدالت  حمزا شهباز جي عارضي ضمانت ۾ 28 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي

The post حمزا شهباز جي عارضي ضمانت ۾ 28 مئي تائين واڌ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages