

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا حڪومت آخرڪار هڙتال ڪندڙ ڊاڪٽرن سان ڳالهين لاءِ تيار ٿي وئي آهي ۽ ڪي پي جي وڏي وزير هڙتالي ڊاڪٽرن کي 21 مئي تي ڳالهين لاءِ سڏائي ورتو آهي.
خيبرپختونخوا طرفان باظابطا خيبرپختونخوا ڊاڪٽر ڪائونسل ڏانهن خط لکيو وي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽرز تنظيمون فوري عوام جي مفاد ۾ هڙتال ختم ڪن.
خيبرپختونخوا ۾ ڊاڪٽرز تنظيمن پنهنجي ساٿي ڊاڪٽر ضياءَ الدين تي صوبائي صحت جي محافظن جي مبينا تشدد جي حوالي سان گذريل چئن ڏينهن کان صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ احتجاج ۽ هڙتال ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽرن جون تنظميون صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر هشام انعام الله ۽ ڊاڪٽر نوشيروان کان استعفيٰ وٺڻ ۽ صحت واري صوبائي وزير تي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن.
ڊاڪٽرن طرفان سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. گذريل ڏينهن حڪومت طرفان باظابطا او پي ڊي کولرائڻ لاءِ پوليس جي واڌو نفري پڻ اسپتال ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.
ڪي پي جي سڌ سماءَ واري شوڪت يوسزئي ان سلسلي ۾گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته گهڻو صبر جو مظاهرو ڪيو هاڻ ڪنهن کي زبردستي او پي ڊي بند نه ڪرڻ ڏينداسين. حڪومت ڊاڪٽرن جا خدشا ٻڌڻ لاءِ تيار آهي پر مريضن کي وڌيڪ تڪليف نه ڏني وڃي.
The post خيبرپختونخوا حڪومت آخرڪار ڊاڪٽرن سان ڳالهين لاءِ تيار…. appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment