بابر جي سينچري ڪم نه آئي، ميچ ۽ سيريز انگلينڊ جي نالي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

بابر جي سينچري ڪم نه آئي، ميچ ۽ سيريز انگلينڊ جي نالي


نوٽنگهم( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان کي 3 وڪيٽن تان هارائي پنج ون ڊي ميچن جي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 340 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ بابر اعظم جي بهترين سينچري به شامل هئي.

 جواب ۾ انگلينڊ ٽيم هدف جو پيڇو ڪندي سخت مقابلي کان پوءِ ميچ 49.3 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن کان کٽي ورتو. ميچ ۾ 114 رنسن شاندار اننگزکيڏڻ تي جيسن روئي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

انگلينڊ ميچ سان گڏوگڏ سيريز ۾ به  0-3 جي فيصلائتي سرسري حاصل ڪري ورتي آهي، سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي 19 مئي تي ليڊز ۾ کيڏي ويندي.

The post بابر جي سينچري ڪم نه آئي، ميچ ۽ سيريز انگلينڊ جي نالي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages