برسٽول( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ٽئين ون ڊي ۾ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
انگلينڊ پاڪستان طرفان ڏنل 359 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي 45 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو ۽ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
انگلينڊ کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل ٿي وئي آهي، هاڻ سيريز ۾ انگلينڊ کي شڪست نٿي ٿي سگهي، سيريز 2-2 سان برابر ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٻئي ميچون کٽڻيون پونديون، جڏهن ته انگلينڊ کي سيريز نالي ڪرڻ لاءِ صرف هڪ ڪاميابي گهربل آهي.
The post جونيءَ جو پاڪستاني بالرن کي ڪٽڪو، انگلينڊ جبل جيڏو هدف آساني سان حاصل ڪري ورتو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment