خضدار قومي شاهراهه تي حادثو، پنج ڄڻا فوت، 13 زخمي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 15, 2019

خضدار قومي شاهراهه تي حادثو، پنج ڄڻا فوت، 13 زخمي


خضدار ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ قومي شاهراهه تي حادثو پيش آيو آهي ته جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن.

خضدار جي ڊپٽي ڪمشنر موجب قومي شاهراهه ويجهو برسات سبب حادثو پيش آيو، روڊ تي ٻه بسون بيٺل هيون جن سان هڪ ٽئين تيز رفتار بس اچي ٽڪرائي.

ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته حادثي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن، ليويز اهلڪار امدادي ڪاررواين ۾ رُڌل آهن،  جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

The post خضدار قومي شاهراهه تي حادثو، پنج ڄڻا فوت، 13 زخمي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages