

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر آءِ ايم ايف سان معاهدي جي صورت ۾ ڊالر جو مُلهه وڌڻ جي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو.
واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي اسد عمر چيو ته ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سبب آءِ ايم ايف سان معاهدو ناهي، آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ جيستائين مان هيس اهڙو ڪو شرط نه هو، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو معاملو قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت ڪميٽي ۾ اٿاريو ويندو.
ان موقعي تي روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر چيو ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جو معاملو اسٽيٽ بئنڪ جو ڪم آهي، وزيراعظم رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو ناهي چيو، ڪرنسي سمگلنگ جو نوٽيس ورتو.
هن چيو ته مانيٽري پاليسي ۾ رڳو هڪ حڪومتي نمائندو هوندو آهي.
The post اسد عمر ترديد ڪري ڇڏي…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment