

مستونگ (ويب ڊيسڪ) مستونگ ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ مقابلي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 4 جوان به زخمي ٿيا.
مستونگ جي علائقي ڪوهه مهراڻ ۾ سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو، جنهن کانپوءِ اتي موجود دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني ۽ سي ٽي ڊي جي جوابي فائرنگ ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 4 جوان زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سي ٽي ڊي موجب آپريشن دوران دهشتگردن جي ٿاڪن مان وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ آيو آهي، جڏهن ته دهشتگردن جا لاش اسپتال نيا ويا آهن.
The post مستونگ ۾ سي ٽي ڊي جو آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment